بيجنگ– 30 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي ٻڌل گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحق ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين ۾ ٿيندڙ افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ٽئين اجلاس جي موقعي تي ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، چين ۾ مقرر ??اڪ??تاني سفير معين الحق ۽ افغانستان ايمبيسڊر لاءِ خصوصي نمائندو محمد صادق به موجود هو. ان ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن، علائقائي سلامتي ۽ گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اسلام آباد ۾ تازو ئي ٿيندڙ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل لاءِ 48 هين اجلاس ۾ ??اڪ??تان پاران تجويز ڪيل ”ڏکڻ ايشيا ۾ سلامتي بابت قرارداد“ تي حمايت لاءِ ٿورو ادا ڪيو. ايران جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان او اءِ سي پرڏيهي وزير ڪائونسل جي 48 هين اجلاس جي ڪامياب ميزباني تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ??اڪ??تاني قيادت کي خصوصي مبارڪباد پيش ڪئي، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ هڪجهڙي عقيدي، ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي هموار گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اها ڳالهه اطمينان جوڳي آهي ته ??اڪ??تان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سياسي، اقتصادي، دفاعي ۽ انٽيلي جنس جي شعبن ۾ اعليٰ سطح جي لاڳاپن جي مٽاسٽا جي استحڪام جو مظهر آهي، ڪشمير جي مسئلي تي مسلسل ۽ غير متزلزل حمايت تي ايران جي قيادت جو ٿورائتو آهيان، ??اڪ??تان ايران سان ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط اقتصادي ۽ واپاري حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ جو خواهشمند آهي، پرڏيهي وزير ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ 21 هين گڏيل اقتصادي ڪميشن جي جلد ??نعقاد جي ضرورت تي زور ڏنو، پرڏيهي وزير ايراني هم منصب کي آگاهه ڪيو ته ??اڪ??تان مندپشين سرحدي منڊين جي تعمير مڪمل ٿيڻ جو اشارو ڏنو، شاهه محمود قريشي چيو ته اها ڳالهه خوشي جوڳي آهي ته انٽرنيشنل روڊ ٽرانسپور?? ميڪنزم جي ئي ترسيل ۾ سهولت فراهم ڪندو رهندو، پرڏيهي وزير وزيراعظم عمران خان جي خصوصي هدايت تي ايران جي مختلف جيلن ۾ قيد ??اڪ??تانين جي جلد ??زادي جو معاملو کنيو، پرڏيهي وزير هر سال ايران ايندڙ 50 لک کان وڌيڪ ??اڪ??تاني زائرين جي خصوصي سارسنڀال ڪرڻ ?? ميرجاوها ۾ زائرين هائوس جي تعمير ڪرڻ تي ايراني هم منصب جو ٿورو ادا ڪيو. پرڏيهي وزير ايراني پرڏيهي وزير سان ??اڪ??تاني ايمبيسي انٽرنيشنل اسڪول تهران جي لاءِ زمين مختص ڪرڻ جي درخواست ڪئي، همدرداڻو غور ڪرڻ جي درخواست ڪئي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ??اڪ??تان جي قيادت ۽ عوام ايراني صدر رئيسي جي جلد ??اڪ??تان جي دوري جي منتظر آهي. ٻنهي پرڏيهي وزيرن اهم علائقائي معاملن تي مشاورت لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.