اسلام آباد – 15 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ۽ سنڌ سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ۽ صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن ج?? وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ سينيٽر سيف الله ابڙو، قومي اسيمبلي ميمبر فهيم خان، عطاءُ الله، سنڌ اسيمبلي جا ميمبر حليم عادل شيخ، علي جوڻيجو، سيد آفندي، سدره تيمور ۽ رياض احمد شامل هئا. وفاقي وزير سيد علي زيدي به ملاقات ۾ موجود هو. ملاقات ۾ سي??سي معاملن تي خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئ??. پ??رليامينٽ جي سمورن ميمبرن وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.