اسلام آباد – 08 – مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنج?? ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ث??افتي لاڳاپا آهن، پاڪستان ازبڪستان سان ويجه?? ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ازبڪستان جي سفير ايبڪ عارف عثمانوف سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامينٽ هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان پنهنج?? ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي، مذهبي ۽ ث??افتي لاڳاپا آهن، هن چيو ته پاڪستان ازبڪستان سان ويجه?? ڀائراڻي لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ازبڪستان وچ ايشيائي ملڪن جو اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ معيشت، دفاع، ثقافت، تعليم، واپار ۽ سياحت جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي.