پنڊ دادن خان – 14 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ??ي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو ملڪ انهن جي حوالي نه ٿو ڪري سگهجي، عوام ان وقت تائين نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي، جيستائين اهي قوم جو ڦريل پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، مخالف ڌر جو پنهنجو ڪو قد نه آهي، بل??ول کي خبر آهي ته هو جهلم ۽ پنڊي مان ڪجهه سئو ماڻهو به گڏ نه ٿو ڪري سگهي، ان لاءِ هو فضل الرحمان ??ي ڪلهي تي چڙهي مدرسي جي ٻارن جي زور تي سياست ڪري رهيو آهي، بل??ول کي چوان ٿو ته هو زرداري جي سياست نه ڪري، هو بينظير ڀٽو ۽ پنهنجي ناني جي سياست ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن هڪ تقريب دوران ??هباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان ??ي ملاقاتن سميت اهم سياسي معاملن تي ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مولانا فضل الرحمان ۽ شهباز شريف جڳهه جڳهه تي ڀٽي رهيا آهن، پنجابي جي چوڻي آهي ”قربان وڃان ??ن ٿاڻيدار تي جنهن ماءُ جي ياد ڏياري ڇڏي“، قربان وڃان ??مران ??ان ??ي جنهن اڄ انهن سڀني چورن کي گڏ ڪري ڇڏيو آهي، اسان ??ڳ ۾ انهن کي چئي رهيا هئاسين ته اهي سڀ چور گڏ آهن ۽ اڄ سڀني ڏسي به ورتو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ سندس پٽ ڪيترن ئي سالن کان لنڊن ۾ ويٺل آهن، انهن جا اپارٽمي??ٽس?? بلڊنگز ۽ گاڏيون سڀني جي سامهون آهن، آخر انهن جو خرچ ڪير کڻي رهيو آهي؟ هن چيو ته اسان ??و نواز شريف سان ??اتي جهيڙو نه آهي، اسان ??اف سٿري ڳالهه ڪريون ٿا ته قوم جو ڦريل پئسو قوم کي واپس ڪيو وڃي. هن چيو ته هي اهو پئسو آهي جيڪو پاڪستان ??ي عوام کان چوري ڪيو ويو. هن ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ۾ هڪ هڪ ٽي وي پروگرام ۾ چيو پئي ويو ته مهانگائي تمام گهڻي ٿي وئي آهي، مون چيو ته جن جي ڪري مهانگائي ٿي آهي ڇا پاڪستان ??نهن کي واپس ڏئي ڇڏيون؟ هن چيو ته جن ماڻهن جي ڪري پاڪستان ??ي معيشت جو ٻيڙو غرق ٿيو، اسان ??ي چيلهه چٻي ٿي، ملڪ انهن جي حوالي ڪيئن ڪري سگهجي ٿو؟ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نواز شريف ۽ اسحاق ڊار ٻاهر ويٺل آهن، انهن جي جرئت نه آهي ته اهي پاڪستان ??چي پنهنجي خلاف ڪيسن کي منهن ڏين، نواز شريف هائيڊ پارڪ لنڊن جي سامهون هڪ ارب ڊالر جي پراپرٽي ٺاهي، مقصود چپڙاسي، مسرور احسن ۽ منظور پاپڙ واري جي اڪائونٽس مان ??ربين رپيا شهباز شريف اينڊ فيملي کي منتقل ٿيا، انهن ماڻهن پاڪستان ??ي عوام، مزدور ۽ واپاري کي ڦريو آهي، اڄ ماڻهو ڪهڙي منهن سان نواز شريف اينڊ ڪمپني جو ساٿ ڏئي رهيا آهن؟ هن چيو ته جيستائين اهي قوم جو پئسو واپس نه ٿا ڪري ڇڏين، پاڪستان ??ي عوام قطعي طور تي نواز شريف اينڊ ڪمپني کي معاف نه ڪندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي عوام سان ??يڪي واعدا ڪيا، پورا ڪيا، افسوس ان ڳالهه جو آهي ته ماضي ۾ پنڊ دادن خان ??علقي جا 70 سال ضايع ڪيا ويا. هن چيو ته ساڍا ٽي سال اڳ جڏهن اقتدار ۾ آيس ته هر ڪم نئين سري سان ??روع ڪرڻو پيو، هتي گهٽيون ۽ رستا موجود نه هئا، علائقي ۾ پيئڻ جو پاڻي دستياب نه هو، اسڪول ۽ ڊاڪٽرز نه هئا، جهلم ضلعي ۾ 47 ڊاڪٽرز هئا، اڄ الحمدالله جهلم ۾ 800 ڊاڪٽرز ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف موجود آهي، اسان ??سڪولن ۾ استادن جي کوٽ پوري ڪئي، پاسپورٽ آفيس جهلم ۾ هئي، اسان پنڊ دادن خان ??ي اندر پاسپورٽ آفيس آندي، اي او بي آءِ جي آفيس به هتي قائم ڪئي.