نوشڪي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ايف س?? ۽ ??ينجرز جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر ۽ اعتماد آهي ته دهشتگرد ڪڏهن به ڪامياب نٿا ٿي سگهن، پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان ??ڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اسان جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هجن جو آمدني ۾ اضافو ٿئ?? ۽ ??سان ??گهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون، بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسين جو انتشار پکيڙيندڙ عنصرن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو، سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ صنعتي ترقي، ٽيڪنالاجي جي منتقلي، انفارميشن ٽيڪنالاج?? ۽ ??رعي پيداوار وڌائڻ تي خ??وص?? ڌيان ڏنو ويندو، بلوچستان اسان جي ترجيح هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن نوشڪي ۾ جوانن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان ??وقعي تي پاڪ فوج جو سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، اطلاعات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ۽ ٻيا به موجود هئا، وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جو ڪاميابي سان ??قابلو ڪندڙ جوانن کي خرا?? تحسين پيش ڪريان ??و، هن چيو ته پوري قوم پنهنجي بهادر فوج سان گڏ بيٺل آهي، اسان جي بهادر فوج جهڙي طرح دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون ۽ ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ڪنهن ملڪ جي فوج اهڙي طرح جي جنگ نٿي وڙهي سگهي، اسان جي فوج جهڙي طرح دهشتگردن کان ??لڪ کي محفوظ بڻايو ان جو مثال نٿو ملي، پوري قوم کي پنهنجي بهادر فوج تي فخر آهي ۽ قوم کي اهو اعتماد آهي ته اسان جي خلاف ڪنهن به قسم جي دهشتگردي ڪامياب نٿي ٿي سگهي. وزيراعظم ان ??وقعي تي ايف س?? ۽ ??ينجرز جي پگهارن ۾ 15 سيڪڙو اضافي جو اعلان ڪندي چيو ته پاڪستان به پوري دنيا وانگر مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي، آمريڪا ۽ برطانيه جهڙن ملڪن کي به گذريل 40 سالن جي دوران سڀ کان ??ڌيڪ مهانگائي کي کي منهن ڏيڻو پيو، مون کي احساس آهي ته اسان جو پگهاردار طبقو تڪليف ۾ آهي، منهنجي پوري ڪوشش آهي ته ملڪ جون معاشي حالتون اهڙيون هجن جو آمدني ۾ اضافو ٿئ?? ۽ ??سان ??گهاردار طبقي کي رليف ڏئي سگهون. پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي شيون درآمد ڪيون وينديون آهن جنهن جي قيمتن ۾ بي انتها اضافو ٿي چڪو آهي، پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون عالمي منڊي ۾ تمام گهڻيون وڌي چڪيون آهن جنهن جا اثر هر شيءَ تي پوندا آهن، جيئن جيئن آمدني وڌندي ويندي پگهاردار طبقي جون پگهارون وڌائيداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ مختلف وڏن ڪاروباري ادارن رڪارڊ منافعو ڪمايو آهي، صرف ڪجهه ڪمپنين 950 ارب روپين جو منافعو ڪمايو آهي آئون انهن سڀني کي درخواست ڪري رهيو آهيان ته اهي ملازمن جون پگهارون به وڌائين. وزيراعظم چيو ته ماضي ۾ ڪنهن حڪومت بلوچستان جي ترقي تي ايترو پئسو خرچ ناهي ڪيو جيترو اسان جي حڪومت ڪيو، چمن، ڪوئيٽا، ڪراچي شاهراهه جي تعمير جي وڏي منصوبي جو آغاز اسان ڪيو جنهن لاءِ فنڊز به مختص ڪيا ويا آهن، بلوچستان اهڙو صوبو آهي جتي فاصلا وڌيڪ ۽ آبادي گهٽ آهي، ان جي لاءِ پنهنجا چئلينجز آهن. وزيراعظم چيو ته هلندڙ سال رڪارڊ ٽيڪس جمع ٿيا، اسان جي حڪومت بلوچستان جي ترقي تي خ??وص?? ڌيان ڏئي رهي آهي، ڇو ته بلوچستان گلگت بلتستان ۽ اڳوڻي قبائلي ضلعا ترقي جي ڊوڙ ۾ پوئتي رهجي ويا آهن، جيئن جيئن معاشي حالتون بهتر ٿينديون ۽ آمدني ۾ اضافو ٿيندو پوئتي پيل علائقن تي خ??وص?? ڌيان ڏينداسين. وزيراعظم چيو ته جڏهن نوشڪي ۾ دهشتگردن جو واقعو ٿيو ته آئون چين ۾ هئس، مون فوري فيصلو ڪيو ته واپس وطن ويندي ئي نوشڪي وڃي پيغام ڏيندس ته پوري قوم پنهنجون قربانيون ڏيندڙ جوانن سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم چيو ته اسلام ۾ شهيدن جو خاص رتبو آهي، دليري سان دهشتگردن جي خلاف جنگ ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ جوان شهيد آهن، وزيراعظم چيو ته بلوچستان جي ترقي تي خ??وص?? ڌيان ڏينداسين، اسان بلوچستان ۾ ايتري ترقي ڪنداسين ته انتشار پکيڙيندڙن ۽ عوام کي حڪومت ۽ فورسز جي خلاف ڀڙڪائيندڙن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته دهشتگردن جي پويان اهي قوتون آهن جيڪي پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ چاهين ٿيون، ان ??اءِ ڪٿان ??ي پاسي کان ??نڊنگ ڪئي پئي وڃي، اسان صوبي کي ايتري ترقي ڏيندسين جو ٻاهر ويهي دشمن ملڪ جي اندر انتشار پکيڙي رهيا آهن انهن جي ڳالهه ڪير به نه ٻڌندو. وزيراعظم چيو ته سي پي جي ٻي مرحلي سان بلوچستان کي خاص طور تي فائدو ٿيندو، چيني صدر يقين ڏياريو ته سي پيڪ جي ٻي مرحلي ۾ ٽيڪنالاجي ٽرانسفر، انفارميشن ٽيڪنالاجي، زرعي پيداوار وڌائڻ ۽ انڊسٽريلائيزيشن تي خ??وص?? ڌيان ڏنو ويندو.