بيجنگ – 04 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل اسٽريٽجڪ حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آ??ي، چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون قابل تحسين آ??ي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آ??ي، سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيندڙ منصوبن سان پ??ڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. وزيراعظم چين جي دوري دوران چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ سان ورچوئل ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ چين جي سياسي مشاورتي ڪائونسل جو وائيس چيئرمين به موجود هو. ملاقات ۾ سي پيڪ جي جاري منصوبن ۽ مستقبل جي قدمن جو جائزو ورتو ويو، ان موقعي تي وزيراعظم سان گڏ ڪابينا جا ميمبر ۽ اعليٰ عملدار به موجود هئا جڏهن ته هي لي پنگ سان گڏ وائيس چيئرمين ننگ جيزي ۽ تانگ ڊينگ جي، اين ڊ?? آر سي جا اعليٰ عملدار به موجود هئا. وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته چين ۽ پاڪستان آزمايل دوست آهن، پاڪستان ۽ چين جي تعاون تي ٻڌل تزويراتي حصيداري هر آزمائش تي پورو لٿي آ??ي، ڪووڊ – 19 جي وبا جي باوجود ٻنهي ملڪن جي تعاون جي ڪري سي پيڪ منصوبن تي ڪم جاري رهيو. وزيراعظم چيو ته چين جي قومي ترقي ۽ سڌارا ڪميشن جو تعاون واکاڻ جوڳو آهي. سي پيڪ، بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (ب?? آر آئي) منصوبي جو هڪ اهم جز آ??ي، سي پيڪ سان ٻنهي ملڪن جي عوام لاڀ پرائي رهي آ??ي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ جي جلد مڪمل ٿيڻ جي منصوبن سان پ??ڪستاني معيشت تي مثبت اثر پيا آهن. سي پيڪ منصوبن ملڪ جي پائيدار معاشي ترقي جو ٺوس بنياد رکيو آهي ۽ انهن منصوبن پ??ڪستان جي معاشي منظرنامي کي تبديل ڪري ڇڏيو آ??ي، وزيراعظم چيو ته سي پيڪ ب?? آر آئي جو فليگ شپ منصوبو آهي جنهن جي اسٽريٽجڪ اهميت ٻنهي ملڪن لاءِ آهي ۽ ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام کي فائدا حاصل ٿيندا. وزيراعظم چيو ته ٻئي ڌريون گوادر کي خطي جو معاشي مرڪز بڻائڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون، ايم ايل ون ۽ ٻين اهم توانائي منصوبن کي ترجيح بنيادن جي طور تي ورتو ويندو، ان موقعي تي چين جي قومي ۽ سڌارا ڪميشن جي چيئرمين هي لي پنگ چيو ته چين سي پيڪ منصوبن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو ۽ چين سي پيڪ منصوبن تي تيز رفتار اڳڀرائي جي لاءِ پرعزم آ??ي، گذريل 7 سالن ۾ چين پ??ڪستان جو سڀ کان وڏو واپاري حصيدار آهي ۽ ٻنهي ملڪن مستقبل ۾ به مجموعي اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن جي رفتار کي برقرار رکڻ جا خواهشمند آهن، هن چيو ته اين ڊ?? آر سي ۽ سمورن لاڳاپيل چيني ادارا سي پيڪ منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ چيني، سرڪاري ۽ نجي ادارن جي حوصلا افزائي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکندا. ان سلسلي ۾ ٻنهي پاسن ۾ نوان گرين، ڊجيٽل، صحت، واپار ۽ صنعتي راهدارين جو فيصلو ڪيو هو جنهن سان انهن شعبن ۾ شعباجاتي تعاون ۾ اضافو ٿيندو. وزيراعظم عمران خان پ??ران ڀرپور حمايت جو ٿورو ادا ??ند?? اين ڊ?? آر سي جي چيئرمين صنعت، زرعي جديديت، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ مدد جي لاءِ چين جي رضامندي جو اظهار ڪيو، ملاقات دوران بنهي ڌرين سيڙپڪاري بورڊ ۽ اين ڊ?? آر سي جي وچ ۾ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي جيڪا چين جي صنعتي ڌرين کي سي پيڪ، خصوصي اقتصادي زونز ۾ منتقل ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ??ند?? ۽ سيڙپڪاري ۾ تيزي ايندي، ٻنهي ڌرين گوادر تي 16 هين جوانٽ ورڪنگ گروپ اجلاس جي منٽس تي صحيحون ڪيون، پاڪستان پ??ران منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ چين پ??ران اين ڊ?? آر سي جي وائيس چيئرمين ننگ جينزي صحيحون ڪيون.