اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلوچستان جي علائقن پنجگور ۽ نوشڪي ۾ فوجي ڪيمپن تي دهشتگردن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي، مملڪتي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ دهشتگردي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته س??ڪي??رٽي فورسز جي وقت سر جواب ۾ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن ??ي ناڪام بڻايو ويو، دهشتگردن جون بزدلاڻيون ڪارروايون ايئن ئي ناڪام بڻائيندا رهنداسين، فرخ حبيب چيو ته هٿياربند فوج ۽ س??ڪي??رٽي فورسز مڪمل طور تي الرٽ آهن، سڄي قوم ملڪ جي حفاظت دوران جانين جو نذرانو پي?? ڪندڙن کي سلام پيش ڪري رهي آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چ??و ته دهشتگردي جي هڪ واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ پاڪ فوج جي جوانن جي بلند درجن لاءِ دعاڳو آهيان