اسلام آباد – 18 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جا??ان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته پاڪستان جا??ان سان گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم تي ٻڌل ٻطرفن لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. اها ڳالهه هن پاڪستان ۾ جا??ان جي سفير ڪونينوري متسودا سان ڳالهائيندي چئي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيراعظم س??ير کي پاڪستان ۾ پنهنجو مدو پورو ڪر?? تي مبارڪباد ڏني ۽ مستقبل جي ذميوارين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. سفير جا??ان جي نئين چونڊيل وزيراعظم فوميو ڪيشيدا کي خط لکڻ تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان جا??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو، جيڪي گڏيل اعتماد ۽ افهام تفهيم جي بنيادن تي قائم آهن. وزيراعظم جا??ان سان معاشي، واپاري، ترقي ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ سگهه ڏيڻ بابت پاڪستان جي عزم کي ورجايو. علائقائي تناظر ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي جي مفاد ۾ آهي. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها نئين افغان انتظاميا سان مثبت رابطا رکي، فوري انساني امداد بحال ۽ افغانستان جي من??مند اثاثن جي ريليز سميت اقتصادي تباهي کي روڪڻ جي لاءِ قدم کڻي. هن قومي مفاهمت ۽ هڪ ٺوس سياسي ڍانچي جي اهميت تي پڻ زور ڏنو. جا??اني سفير جا??ان سان پاڪستان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪر?? ۽ خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا. سفير جا??اني ۽ ٻين شهرين کي افغانستان ??ان ڪڍڻ ۾ سهولت ڏيڻ تي پاڪستان حڪومت جا ٿورا پڻ مڃيا. سفير ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام تحت پاڪستان ??ان جاپان ۾ افرادي قوت جي برآمد تي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ صحيح ٿيل مفاهمت جي ياداشت تي پڻ روشني وڌي.