اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نبي ڪ??يم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضا??ن آهي، اڄ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪوشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪري ملڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري پري نه آهي، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته اسان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري معاشري ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي فروغ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري فواد حسين چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري انسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته نبي ڪ??يم صه جي تعليمات تي عمل ڪري اسان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ ر??ين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات واري وفاقي وز??ر چيو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ڪ??دار، گفتار ۽ عملي نموني سان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي محسن انسانيت نبي ڪ??يم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.