اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان اف??انستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، اف??انستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ناتن سيمت اف??انستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اف??انستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ اف??ان شهرين جي خوشحالي لاءِ اڻٽر آهي. اف??ان شهرين جي انساني بنيادن تي امداد ضروري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي س??بن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احمد چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي س??ن حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي برادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. اف??انستان مان پرڏيهين ۽ عالمي برادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي اف??ان شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. اف??انستان مان پرڏيهين ۽ اف??ان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ اف??ان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي امداد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک اف??انين جي س??ر سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي اف??انستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.