اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان نجڪاري واري وفاقي وزير کي هدايت ڪئي آهي ته هو شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضوري قدم کڻندي جناح ڪنوينشن سينٽر سميت ٻين ادارن جي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪري. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان موجب وزيرا??ظم عمران خان نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو ملاقات ڪئي، وزيرا??ظم کي نيشنل پاور پارڪس مينيجمينٽ ڪمپني لميٽيڊ، جناح ڪنوينشن سينٽر ۽ سروسز انٽرنيشنل هوٽل لاهور جي نجڪاري جي موجوده صورتحال تي بريفنگ ڏني وئي، وزيرا??ظم کي پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ غير ملڪي سيڙپڪارن کي متوجهه ڪرڻ لاءِ جاري روڊ شوز ( 13 – 21 سيپٽمبر) جي حوصلي واري نتيجن ک??ن به آگاهه ڪيو ويو. وزيرا??ظم شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کڻندي نجڪاري جي عمل کي مڪمل ڪرڻ تي ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪئي.