اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي ڪورونا وائرس جي وبا جي ٻيهر ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏين ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪن. ”ماسڪ پايو، زندگيون بچايو“ جي ه??ش ٽيگ ??ان وزيراع??م خيرخواهه – هڪ ٻئي جا خيرخواهه جي ٽائٽل سان هڪ وڊيو جاري ڪئي جنهن ۾ عوام کي ايس او پيز تي عملدرآمد ڪندي معمول جا ڪم ڪندي ڏيکاريو ويو آهي. وزيراعظم ٽوئيٽ ۾ لکيو آهي ته وبا جي ٻيهر ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ حڪومت جو ساٿ ڏيو، ذميوار شهري هجڻ جو ثبوت ڏيو ۽ حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪ??يو. هن لکيو ته خير نال جا ۽ خير نال آ، ??ئين بڻجو هڪ ٻئي جا خيرخواهه.