اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??وجوده حڪومت واڌويجهه جي شرح ۽ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ سان ??عاشي عمل ۾ تيزي ايندي، اڳوڻين حڪومتن پاران کنيل قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل ملڪ کي انهي صورت ۾ ڪڍي سگهجي ٿو جڏهن ملڪي پيداوار ۾ اضافو ٿئي. هن اهڙن خيالن جو اظهار معاشي استحڪام ۽ ترقي جي حوالي سان ترجيحي شعبن جي فروغ ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ صنعت وارو وزير محمد حماد اظهر، واپار وارو صلاحڪار عب??ال??زاق دائود، خاص مددگار ڊاڪٽر وقار مسعود، سيڙپڪاري بورڊ جو چيئرمين عاطف بخاري، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر رضا باقر، وفاقي سيڪريٽري ۽ ٻيا سينئر ??في??ر شريڪ هئا. وزيراعظم کي ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن لاءِ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان ??ن وقت تائين جي اڳڀرائي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??لڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي صنعتن کي ضمانت جي فراهمي (ڪوليٽرل) کانسواءِ بئنڪن پاران ڪاروبار جي لاءِ قرضن جي فراهمي جو انتظام ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ضمانت کانسواءِ قرضن جي فراهمي (ڪوليٽرل في لينڊنگ) سان ??نڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي فروغ ۾ چڱي خاصي مدد ملندي، ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??هريون ڀيرو حڪومت اسٽيٽ بئنڪ ۽ بئنڪن ۾ موثر پارٽنرشپ جو قيام عمل ۾ آندو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ان اسڪيم تحت اسٽيٽ بئنڪ پاران ت??ريبن 50 سيڪڙو رسڪ لاس گارنٽ (نقصان جي رسڪ جي حوالي سان گارنٽي) فراهم ڪئي ويندي. هن ٻڌايو ته بئنڪن پاران ان حوالي سان ??هايت جوش ۽ جذبي ۽ دلچسپي جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر ٻڌايو ته ??لڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ايس ايم ايس کي خصوصي طور تي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان ??خصوص ڪيل بئنڪن ۾ اضافي صلاحيت پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. اسٽيٽ بئنڪ پاران ايس ايم ايس کي قرضن جي فراهمي جي حوالي سان بئنڪن جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪئي پئي وڃي.