اسلام آباد – 11 مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چي?? آهي ته مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن پريس ڪانفرنس ڪري پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي، اسان گهڻو پهرين مخالف ڌر کي چيو هو ته سينيٽ اليڪشن شفاف ڪرائين ته هنن اسان جي مخالفت ڪئي، انهن جي پريس ڪانفرنس ڏسي مون کي ڊپ لڳي رهي?? آهي ته ڪٿي اهي ماڻهو روئڻ نه لڳي وڃن. نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ اسان جا 25 ووٽ وڌيڪ هئا پر اُ??ي کٽي ويا، ان وقت کين اصولن جي سياست ياد نه آئي، جيڪا اليڪشن انهن جي پسند جي هجي ته ان کي چوندا آهن ته ٺيڪ آهي ۽ جتي کين شڪست جو ڊپ هوند?? آهي اتي اصولي سياست ياد اچي ويندي آهي. شبلي فراز چيو ته يوسف رضا گيلاني جي پٽ جي وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اهو ووٽ ضايع ڪرڻ جي طريقيڪار ٻڌائي رهي?? آهي ۽ ان ضايع ٿيل ووٽن جي ڪري ئي اسان جو اميدوا?? هارايو. ڇانگامانگا کان هنن اهو ڪم شروع ڪيو هو ته جيڪو اڄ تائين جاري آهي، اڃان به ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ ۾ مصروف آهن، اسان جي ماڻهن سان به ووٽ خريد ڪ??ڻ لاءِ رابطو ڪيو پيو وڃي.