ترجمو: صنم جوڻيجو/روپ ميگهواڙ
خصوصي فيچر
اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) پاڪستان جي وڌندڙ آبادي کي نظر ۾ رکندي غذائي ضرورتن جي حوالي سان درپيش هڪ اهم مسئلو کاڄري تيل جي گهرج ۾ مسلسل اضافو آهي، جنهن کي پورو ڪرڻ لاءِ هر سال اربين روپين جو کاڌي وارو تيل درآمد ڪرڻو پوندو آهي، ملڪ ۾ پنهنجي ضرورت جو کا??رو تيل صرف 32 سيڪڙو پيدا ٿي ??هيو آهي جڏهن ته 68 سيڪڙو درآمد ڪيو ويندو آهي. کا??رو تيل جي درآمد تي دارومدار ختم ڪرڻ ۽ ملڪ ۾ پيداوار وڌائڻ لاءِ زيتون سميت ٻين تيل وارين جنسن جي پوک ۾ اضافي جي تمام گهڻي ضرورت آهي. سڄي دنيا ۾ زيتون جو پوکي وارو رقبو ساليانو ڏيڍ سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهيو آهي. خوراڪ ۽ زراعت بابت گڏيل قومن جي عالمي اداري جي مطابق سال 2018ع ۾ عالمي سطح تي زيتون جي پوک هيٺ رقبو هڪ ڪروڙ 5 لک 13 هزار 320 هيڪٽر هو جيڪو سال 2000ع جي مقابلي ۾ 26 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. رپورٽ موجب سال 2000ع جي مقابلي ۾ 2018ع دوران زيتون جي پيداوار ۾ 35 سيڪڙو جو نمايان اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته سڄي دنيا ۾ زيتون جي پوک، ميون جي پيداوار ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ تيل جي حوالي سان اسپين سرفهرست آهي.
زرعي ماهرن موجب زيتون جي ڪامياب پوک لاءِ اهڙي آبهوا جي ضرورت هوندي آهي جتي گرمين ۾ موسم خشڪ ۽ سردي ۾ گرمي پد ڪجهه عرصي لاءِ 7 ڊگري کان گهٽ هجي ۽ مينهن گهٽ پوندا هجن، زيتون جو وڻ سدابهار آهي ۽ اهي علائقا جنهن جو گرمي پد 20 کان 25 ڊگري سينٽي گريڊ هجي اتي ان جي وڌيڪ پيداوار حاصل ٿيندي آهي. زيتون جو ٻوٽو گرم صحرا کان وٺي برف سان ڍڪيل جابلو چوٽين تائين پوکي ??گهجي ٿو. زيتون جي وڻ تي ميوو ٽن کان چئن سالن کانپوءِ اچڻ شروع ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته واپاري پئماني تي پيداوار ڇهين سال ملڻ شروع ٿي ويندي آهي ان جي سٺي قسمن جي سراسري پيداوار 50 کان 60 مڻ في ايڪڙ تائين رڪارڊ ڪئي وئي آهي، سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته زيتون جي پوک ٻين فصلن جي پوک کي ??ه متاثر نٿي ڪري.
وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت زيتون جو انقلاب کڻي اچي رهي آهي، صرف زيتون جي پيداوار تي ئي ڌيان ڏيون ته نه رڳو درآمد وڌڻ سان اربين روپيا بچي سگهن ٿا پر اسان پنهنجي ضرورت کان وڌيڪ زيتون کي ??رآمد ڪري اربين ڊالر ڪمائي به سگهون ٿا. ان حوالي سان تازين تقريبن کي ??طاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اسان کي مشڪل اها آهي ته اسان کا??رو تيل درآمد ڪندا آهيون، اسان هن وقت ٽي ارب ڊالرن جو کا??رو تيل درآمد ڪري رهيا آهيون اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪ ۾ گيهي مانگهو ٿي ويندو آهي. هن چيو ته اسان کي ??يتون جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. سنڌو درياءُ جي اولهندي علائقن ۾ مينهن گهٽ پوندو آهي، فصل ناهن ٿيندا، ان لاءِ اها زيتون جي پوک لاءِ گهڻي فائديمند جڳهه آهي، ان کانسواءِ بلين ٽري منصوبي ۾ به زيتون جي پوک تي ڀرپور ڌيان ڏينداسين.
هن وقت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ 27 هزار هيڪٽر رقبي تي زيتون پوکيو ويو آهي، تنهن هوندي به زيتون جي پوک هيٺ رقبي کي 70 هزار ايڪڙ کان وڌايو ويندو. گذريل سال آبادگارن کي ??يتون جي وڻڪاري جي لاءِ پنج لک 50 هزار ٻوٽا فراهم ڪيا ويا هئا. 23 -2022ع تائين وڌيڪ 50 هزار ايڪڙ رقبي تي زيتون جا ٻوٽا پوکيا ويندا ۽ هلندڙ وڻڪاري مهم دوران زيتون جا 23 لک نوان ٻوٽا لڳايا ويندا. زرعي ماهرن ملڪ جي مختلف علائقن جي نشاندهي ڪئي آهي جتي زيتون جي ڪاروباري بنيادن تي پوک ڪري سگهجي ٿي. ان جو چوڻ هو ته زيتون جي وڻڪاري جي فروغ لاءِ پبلڪ پرائيويٽ حصيداري تحت ملڪ جي مختلف حصن ۾ زيتون جي ٻوٽن جون 10 نرسريون به قائم ڪيون ويون آهن ۽ خريف جي مند جي تازي وڻڪاري مهم دوران انهن نرسرين مان هڪ ملين ٻوٽا خريد ڪيا ويندا، جيڪي فيڊرل سيڊ رجسٽريشن اينڊ سرٽيفڪيشن اٿارٽي مان باقاعده منظور ٿيل هوندا. ملڪ ۾ زيتون جي پيداوار ۾ مسلسل اضافي جو رجحان آهي ۽ اميد آهي ته هلندڙ مند ۾ قومي پيداوار 11 هزار ٽن کان ٽپي ويندي. جنهن سان زيتون جي تيل جي پيداوار به وڌندي.
جيڪڏهن پاڪستان جي مختلف علائقن جي موسمي حالتن ۽ نوعيت کي ڏٺو وڃي ته سنڌو درياءُ جي ڀرپاسي جي علائقن، خيبرپختونخوا ۽ اسلام آباد زيتون جي پوک لاءِ بهترين آهن، جڏهن ته پوٺوهار خطي کي ??يتون جي پوکي لاءِ انتهائي موزون علائقو سمجهيو ويندو آهي.
هلندڙ سال پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي پوک جي حوصلا افزائي لاءِ آبادگارن کي ??يتون جا 12 لک 10 هزار ٻوٽا مفت فراهم ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي ??يتون جو تيل ڪڍڻ جي سهولت به مهيا ڪئي وئي، جڏهن ته پوٺوهار خطي ۾ زيتون ۽ ٻين هائي ويليوز فصلن جي پيداوار کي وڌيڪ ڪامياب بڻائڻ لاءِ جامع حڪمت سان ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي به زور ڏنو ويو آهي. پنجاب جي زراعت واري سيڪريٽري اسد رحمان گيلاني جو چوڻ آهي ته ملڪي کا??رو تيل جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ زيتون جي باغن کي وڌيڪ سهولتن جي فراهمي کي ??ه يقيني بڻايو ويندو ته جيئن هو ملڪي کا??رو تيل جي پيداوار کي وڌائڻ ۾ وڌي چڙهي حصو وٺن. هڪ اجلاس ۾ هن چيو ته زرعي سائنسدانن کي ??يتون ۽ ٻين هاءِ ويليو فصل پوکڻ جي نئين قسمن کي متعارف ڪرائڻ لاءِ تحقيقي عمل کي وڌيڪ تيز ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پوٺوهار خطو مختلف ميوون جي پوک لاءِ انتهائي موزون آهي ۽ ان حوالي سان آبادگارن جي وڌيڪ ٽيڪنيڪي رهنمائي وقت جي اهم ضرورت آهي.
پاڪستان زرعي تحقيق ڪائونسل (پي اي آر سي) ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زيتون جي پيداوار وڌائڻ ۽ گهٽ لاڳت تي ٻڌل آبادڪاري جي فروغ تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ ان سلسلي ۾ مختلف منصوبن تي ڪم جاري آهي، ان ڏس ۾ پاڪستان زرعي تحقيقي ڪائونسل (پي اي آر سي) جي زيتون بابت نيشنل پراجيڪٽ ڊائريڪٽر ڊاڪٽر محمد طارق جو چوڻ آهي ته الله تعاليٰ اسان جي ملڪ کي ??ي شمار نعمتن سان نوازيو آهي ۽ ملڪ ۾ اهڙي وڌيڪ زمين موجود آهي جتي زيتون پوکي ??گهجي ٿو. ان کانسواءِ جهنگلي زيتون جي پيوندڪاري ڪري به پيدوار حاصل ڪري سگهون ٿا. اهو وفاقي حڪومت جو هڪ دانشمنداڻو فيصلو آهي ته ملڪ ۾ زيتون جي پوک کي وڏي پئماني تي فروغ ڏنو وڃي، ان سان نه رڳو قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ٿيندي پر ٻهراڙي جي معيشت کي ??هتر بڻائي سگهبو. زيتون جي پوک سان ماڻهن کي ??مام گهڻا موقعا ملندا ۽ خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن کي ??يتون جي ويليو ايڊيشن جي عمل ۾ شامل ڪري انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا به وڌائي سگهجن ٿا.
ملڪ ۾ زيتون جي پوک جي فروغ لاءِ حڪومت جي سطح تي قدمن سان گڏوگڏ نجي شعبو به پنهنجو فعال ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان ڏس ۾ النور زرعي فارمز ڪلهرڪار، چڪوال جي جنرل مئنيجر محمد عزيز ملڪ پوٺوهار خطي ۾ زيتون جي پوک جي باري ۾ چيو ته اسان جا فارم 200 ايڪڙن تي مشمل آهن ۽ انهن ۾ 40 کان 50 ايڪڙ تي زيتون جي پوک ڪئي وئي آهي، پوٺوهار خطي ۾ حڪومت جي تعاون سان ان فارم کي ??ڳتي وڌائي رهيا آهيون جتي زيتون جي پلانٽس جي مجموعي تعداد تقريبن 7 هزار آهي ۽ ان ۾ هڪ سال کان وٺي پنجن سالن تائين جا ٻوٽا شامل آهن. ”اي پي پي“ سان ڳالهائيندي هن چيو ته چوٿين ۽ پنجين سال زيتون جي ٻوٽن مان پيداوار شروع ٿي ويندي آهي. هن چيو ته وزيراعظم زيتون جي پوک کي ??مام وڌيڪ ترجيح ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ۾ زيتون جي پوک جو منصوبو انتهائي خوش آئنده آهي ان سان ملڪ جي ڪافي پرڏيهي جي ناڻي بچت ڪري سگهجي ٿي. ڇو ته اسان ملڪن جي اندر زيتون جي پوک ڪري کا??رو تيل جي پيدوار وڌائي سگهون ٿا. هن چيو ته پوٺوهار خطي کانسواءِ خيبرپختونخوا، بلوچستان ۽ پنجاب جي مختلف علائقن ۾ زيتون جي پوک کي فروغ ڏيڻ گهرجي، زيتون جي پوک لاءِ تمام گهڻي زرخيز زمين جي به ضرورت ناهي هوندي ۽ عام زمين تي به زيتون جي پوک ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته ٻين فصلن جي ڀيٽ ۾ زيتون مان وڌيڪ عرصي تائين پيداوار حاصل ڪري سگهجي ٿي ??يڪڏهن ان جي مناسب سارسنڀال ڪئي وڃي ته سئو سال کان مٿي ??ائين ان مان پيداوار وٺي سگهجي ٿي. هن چيو ته سيڙپڪارن کي ??يتون جي پوک تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، ان سان نه رڳو هو پنهنجي ڪاروبار کي فروغ ڏئي سگهن ٿا پر ملڪ کي ??ه ان مان فائدو ٿيندو.
پنجاب ۾ پوٺوهار خطي سميت ٻين علائقن کانسواءِ خيبرپختونخوا صوبي ۽ بلوچستان ۾ زيتون جي وسيع رقبي تي پوک لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، جڏهن ته سنڌ ۽ گلگت بلتستان ۾ به زيتون جي پيداوار جي گهڻي گنجائش موجود آهي، زيتون جي پوک ۾ اضافي سان گڏوگڏ مختلف علائقن ۾ پراسيسنگ جي پلانٽ تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي ۽ پنجاب ۽ بلوچستان جي حڪومتن پهرين ئي مختلف علائقن ۾ ٽي پلانٽس قائم ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته نجي شعبو به ان حوالي سان سيڙپڪاري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪري رهيو آهي، ان کانسواءِ حڪومت به ان جي ڀرپور حوصلا افزائي ڪري رهي آهي ته جيئن زيتون جي پيداوار ۽ ان جي تيل ڪڍڻ جي عمل کي ??ديد بينادن تي فروغ ڏئي سگهجي، زرعي ۽ اقتصادي ماهرن اميد رکن ٿا ته پاڪستان ۾ زيتون جي پوک ۾ اضافي جو رجحان ۽ خصوصي قدمن جي ڪري مستقبل ۾ مقامي گهرج پوري ٿيڻ کانسواءِ اضافي پيداوار جي ذريعي قيمتي پرڏيهي ناڻو نه رڳو بچائي پر ڪمائي به سگهبو.