اسلام آباد – 13 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪور??نا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏ??ا آهن. جمعي ڏينهن اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا جي 2 هزار 304 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جنهن مان 32 متاثر مريض اسپتالن ۾ ۽ 5 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 36 هزار 923 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 12 هزار 599، پنجاب ۾ 12 هزار 38، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 487، اسلام آباد ۾ 7 هزار 187 ، بلوچستان ۾ 746 ، گلگت بلتستان ۾ 329، آزاد ڪشمير ۾ 537 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 21 هزار 563 ٿي چڪ?? آهي، بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 859 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 195 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 23 هزار 641 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 52 هزار 296 آهي.