اسلام آباد – 29 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 908 مريضن جا ??يس?? مثبت آيا ۽ 16 متاثر مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ??وو?? – 19 جا 29 هزار 449 ??يس?? ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 9 هزار 150، پنجاب ۾ 10 هزار 371، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 615، اسلام آباد ۾ 4 هزار 810 ، بلوچستان ۾ 714 ، گلگت بلتستان ۾ 313، آزاد ڪشمير ۾ 476 ??يس?? شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ??وو?? – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 12 هزار 638 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ??وو?? 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ??وو?? – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 884 وينٽيليٽرز تي ??وو?? 19 جا 95 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ??وو?? -19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 11 هزار 695 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب متاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 31 هزار 108 آهي.