اسلام آباد – 25 مئ?? (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پاران پاڪستاني ڀائرن جي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر ج?? مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم ??مر??ن خان ترڪيءَ جي صدر کي پ??ڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ روڪڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.