اسلام آباد – 15 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو آهي ته ڪرونا وائرس تي سارڪ وڊيو ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان خطي جي عوام جي زندگي ۽ ان جي صحت بابت اهو ئي فڪر ۽ احساس رکي ٿو جيڪو پنهنجي شهرين جي حوالي سان ا?? کي آهي، سارڪ تنظيم خطي ?? رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ??يو ته سارڪ تنظيم خطي ?? رهندڙ عوام جي گڏيل مفادن بابت هڪ اهم ادارو آهي، ان اداري جي حقيقي ڪردار جو ان کان بهتر وقت ٻيو نه ٿو ٿي سگهي.