اسلام آباد – 10 فيبروري (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جا ڀائراڻا لاڳاپا تاريخي اهميت وارا آهن، ٻئي ملڪ مشڪل جي هر گهڙيءَ ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن، ترڪ صدر رجب طي?? اردوان جو پاڪستان جو دورو ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ترڪ صدر رجب طي?? اردوان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان اعليٰ سطحي ا??لا?? جي صدارت ڪندي ڪيو.