پيرس – 22 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف فرانس جي صدر ايمانوئل مي??رون سان ملاقات ڪئي ج??هن ۾ ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي دلچسپي جي معاملن تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. پي ايم آفيس جي مي??يا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات نئين عالمي مالياتي معاهدي جي موضوع تي من??قد سربراهي اجلاس جي موقعي تي ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف نئين عالمي مالياتي معاهدي تي سربراهي اجلاس گهرائڻ تي صدر ايمانوئل مي??رون کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن سربراهي اجلاس ۾ دعوت ڏيڻ ۽ شاندار ميزباني تي فرا??سي??ي صدر جا ٿورا پڻ مڃيا. وزيراعظم فرا??سي??ي صدر سان ڳالهائيندي چيو ته توهان اسرندڙ ملڪن سانمالياتي انصاف تي ٻڌل نظام طرف جرئتمنداڻو قدم کنيو. هن فرا??سي??ي صدر جا ٿورا مڃيندي چيو ته اسرندڙ ملڪن کي وسيلن جي عدم دستيابي، قرض ۽ وياج جي ادائيگين جي بار ۽ منجمند ترقي جا مسئلا درپيش آهن. وزيراعظم چيو ته نئين عالمي مالياتي معاهدي تحت قرض جي ڌٻڻ ۾ ٻڏل اسرندڙ ملڪن جي مدد وقت جي ضرورت آهي ته جيئن اتان جي عوام کي ريليف ملي سگهي، موسمياتي تبديلين جي تباهي آڻيندڙ اثرن اڳ ۾ مسئلن جو شڪار اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن ۾ وجهي ڇڏيو آهي، اهم مسئلي تي عالمي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي لاءِ توهان اهم ڪوشش ڪئي. صدر ايمانوئل مي??رون سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جا ٿورا مڃيا.