اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته سيالڪوٽ واقعي تي پوري قوم متحد آهي، انتهاپسندي ڪنهن هڪ پارٽي جو مسئلو نه آهي، سمورا سياسي اڳواڻ انتهاپسندي جي حساسيت کان آگاهه آهن، سريلنڪا جي شهري سان جيڪو ڪجهه ٿيو، ان تي هر پاڪستاني جو ڪنڌ شرم سان جُهڪي ويو آهي، پاڪستان هڪ پروگريسو ملڪ آهي، اسان جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن، سياست تڏهن ٿيندي جڏهن اسان وٽ امن امان ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت جي لاءِ امن ضروري آهي، حڪومت راندين جي فروغ جي لاءِ نوجوانن جي پٺيان بيٺل آهي، بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت ۽ ڪامياب جوان پروگرام تحت ڪامياب جواب اسپورٽس ڊرائيو هڪ شاندار ٽيلينٽ هنٽ پروگرام آهي، جنهن ۾ 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري ان پروگرام جي شروعات ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن بين الصوبائي رابطن و??ري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ نوجوانن جي معاملن و??ري خاص معاون عثمان ڊار سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته سيالڪوٽ سانحي تي پوري پاڪستاني قوم متحد آهي، پاڪستان جي 22 ڪروڙ آبادي ۾ معتدل مزاج جا ماڻهو شامل آهن، اهي ئي ماڻهو پاڪستان جي اڳتي وڌڻ جي اميد آهن. هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان سريلنڪا جي قيادت کي ٽيليفون ڪري سيالڪوٽ سانحي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ان کانسواءِ پاڪستان جي عوام ۽ سياسي قيادت به ان سانحي تي ردعمل جو اظهار ڪيو ته بحيثيت قوم اسان انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ چاهيون ٿا. هن ??يو ته احسن اقبال، مصطفيٰ نواز، مولانا فضل الرحمان جي سيالڪوٽ سانحي تي ردعمل مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان وٽ اهڙي سياسي ليڊرشپ موجود آهي جنهن کي ان خطري جو احساس آهي. هن ??يو ته پاڪستان ترقي پسند ملڪ آهي، اسان جا ادارا ۽ جمهوريت مضبوط آهن. هن ??يو ته سياست ان وقت ٿيندي جڏهن اسان وٽ ا??ن ٿيندو، سياست ۽ جمهوريت جي لاءِ امن ضروري آهي. ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو پروگرام جو ذڪر ڪندي هن ??يو ته بين الصوبائي رابطن و??ري وزارت ۽ ڪاميان جواب پروگرام تحت اهو شاندار ٽيلنٽ هنٽ پروگرام آهي جنهن ۾ 15 کان 25 سالن جي عمر جا 6 هزار ايٿليٽس حصو وٺي رهيا آهن. هن ??يو ته انهن ايٿليٽس ۾ 3300 نوجوانن کانسواءِ 2700 ڇوڪريون به شامل آهن جيڪا خوش آئنده ڳالهه آهي، ان ڳالهه تي خوشي ٿي ته ملڪ جي سياست ۽ معيشت سميت راندين جي شعبي ۾ ڇوڪريون برابر جون حصيدار آهن. اطلاعات واري وفاقي وزير ??يو ته وزيراعظم عمران خان مشعل ٻاري اسپورٽس ميلي جي شروعات ڪندو. هن ??يو ته ان پروگرام ۾ هر ڊويزن کي ريجن ڊڪليئر ڪري ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ اٽڪل 7 وڏيون رانديون شامل ڪيون ويون آهن، ان ايونٽ سان پاڪستان جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا ملندا. هن ??يو ته هڪ وقت اسان جي سياست ۽ معيشت ۾ تنزلي سان گڏوگڏ اسپورٽس به تنزلي جو شڪار ئي، اسان جي اولمپڪس جي ڪارڪردگي تي تمام گهڻي تنقيد ڪئي پئي وئي، هاڪي ۽ اسڪوائش به اٽڪل ختم ٿي چڪيون هيون. هن ??يو ته اڄ ملڪ ۾ راندين جي فروغ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ڊگهي عرصي کانپوءِ اڄ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري رهي آهي. چوڌري فواد حسين ??يو ته ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو پاڪستان تحت پ??ڪستان جي سمورين ڊويزنن کي ريجنز ڊڪليئر ڪري هتي اچڻ جو موقعو ڏنو ويو آهي. هن ??يو ته راند ئي واحد رستو آهي جنهن سان اسان پنهنجي نوجوان نسل کي صحيح رخ ۾ گامزن ڪري سگهون ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان اسپورٽس ڊرائيو پروگرام شروع ڪرڻ تي بين الصوبائي رابطن و??ري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ خاص معاون عثمان ڊار کي مبارڪباد ڏني.