لاهور – 22 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي مشڪلاتن کان ??وري طرح آگاهه آهي، ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافع خورن ۽ ذخيره اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو، پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن کي مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيو وڃي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي.
ان ??وقعي تي پنجاب جو چيف سيڪريٽري ڪامران علي افصل ۽ آءِ جي پنجاب رائو سردار علي خان به موجود هئا، وزيراعظم ??فيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان ??وجب وزيراعظم کي صوبي جي انتظامي ۽ ترقياتي معاملن تي ب??يف??گ ڏني وئي. وڌيڪ جاري ترقياتي منصوبن ۽ عوامي ڀلائي جي اسڪيمن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مهانگائي تي ضابطو آڻن ۽ صوبي ۾ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ قدمن کان به آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم ??مران خان چيو ته حڪومت مهانگائي جي ڪري عام ماڻهو جي تڪليف کان ??وري طرح آگاهه آهي ۽ پائيدار قدم کڻي ماڻهن کي وڌ کان ??ڌ رليف جي فراهمي يقيني بڻائي رهي آهي.
مهانگائي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي پرائيس ڪنٽرول ڪميٽيون فعال ڪيون ويون آهن، منافعي خورن ۽ ذخيرو اندوزن جي خلاف بنا فرق جي ڪريڪ ڊائون جاري رهندو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو پنجاب ۾ جاري سمورن ترقياتي منصوبن کي مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪن ته جيئن عوام جي سهولت ٿئي. وزيراعظم چيو ته عوام جي فائدي لاءِ سمورن عوامي ڀلائي جي منصوبن جي بهترين معيار کي يقيني بڻايو ويندو. قانون سڀني جي لاءِ برابر آهي، قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائڻ لاءِ حڪومت هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي.