اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي واپارين ۽ صنعتڪارن تي زور ڏنو آهي ته هو عو??تن ۽ معذور ماڻهن کي پنهنجي ادارن ۾ ملازمت ڏئي انهن جي مالي شموليت ۽ بااختيار بڻائڻ جي ڪوششن ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، حڪومت پنهنجي ڪاروبار لاءِ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا آهن. نوجوانن، عو??تن ۽ خصوصي ماڻهن کي قرضن کي حاصل ڪرڻ ۾ سهولت ۽ رهنمائي فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽر?? جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن چيمبر جي صدر قيصر اقبال بريال جي قيادت ۾ ايوان صدر ۾ سا??س ملاقات ڪئي. وفد صدر کي سيالڪوٽ چيمبرز آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽر?? جي برآمدي صلاحيت ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ ان جي حصيدار?? جي باري ۾ آگاهه ڪيو. قيصر اقبال بريال صدر کي سيالڪوٽ جي واپاري برادري کي درپيش مسئلن کان به آگاهه ڪيو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفد کي خاطري ڪرائي ته سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽري کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ ضروري مدد فراهم ڪئي ويندي. وفد سان ڳالهائيندي صدر چيو ته معذور ماڻهو ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو آهن ۽ انهن کي ڪاروباري برادر?? جي خصوصي تعاون سان هنر جي فراهم?? جي ذريعي روزگار ۽ مالي طور تي مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته حڪومت نوجوانن، عو??تن ۽ معذور ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي مالي شموليت تي ڌيان ڏئي رهي آهي، ان سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام تحت 100 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن ته جئين هو پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري سگهن، هن ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته آگاه?? جي کوٽ جي ڪري ماڻهو حڪومت پاران پيش ڪيل قرضن مان ڀرپور فائدو ناهن وٺي سگهيا ۽ قرضن کي حاصل ڪرڻ لاءِ انهن جي سهولت ۽ رهنمائ?? جي ضرورت تي زور ڏنو. بعد ۾ روالپنڊي ، اسلام آباد ۽ اٽڪ چيمبرز آف ڪامرس ا??نڊ انڊسٽر?? جي عورت نمائندن تي ٻڌل هڪ وفد به صدر سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ آڪٽوبر ۾ ڇات?? جي ڪينسر جي حوالي سان ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وفد ڇات?? جي ڪينسر بابت آگاهي مهم ۾ پنهنجي تعاون جي آڇ ڪئي ۽ صدر کي يقين ڏياريو ته هو اين جي اوز، عو??تن جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان ان بيمار?? جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنديون.