ڪراچي – 30 آگ??ٽ (اي پي پي) صدر ??اڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان انفرادي ۽ اداراجاتي سطح تي فلاحي ڪمن جي حوالي سان عالمي برادري ۾ هڪ منفرد مقام رکي ٿو، پاڪستاني سرزمين تي لکين افغان پناهگيرن جي موجودگي اسان جي مهمان نوازي جو ثبوت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڪراچي ڪميونٽي پارٽنرز انٽرنيشنل (سي پي آئي) ۽ شائن هيومينٽي جي فلاحي سرگرمين جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. صدر ??راچي ۾ استعمال ٿيندڙ 100 آڪسيجن ڪنسنٽريٽرز عطيو ڪرڻ تي سي پي آئي ۽ شائن هيومينٽي کي ساراهيو. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر ??يو ته پاڪستان حڪومت جي وقت سر ۽ منصفاني فيصلن جي ڪري ڪوويڊ 19 وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ ۾ زبردست ڪاميابي حاصل ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي حڪومت وقت سر ڪوويڊ 19 وبائي بيماري جي شدت کي محسوس ڪيو ۽ معاشي بدحالي کان بچڻ جي لاءِ ??ما??ٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو. هن اين جي اوز ۽ هيلٿ ورڪرز تي زور ڏنو ته اهي هيپاٽائيٽس ۽ ٽي بي جهڙين بيمارين کان ??چا??ُ طرف پڻ ڌيان ڏين. صدر ??اڪٽر عارف علوي سي پي آئي جي نمائند?? انم اشرف علي ۽ شائن هيومينٽي جي چيئرمين علي نقوي جو نيڪ مقصد ۾ حصو وجهڻ تي ٿورو مڃيو.