اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 1.2 ارب رپين جي جعلي انوائس اسڪينڊل ۾ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون، صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آ?? جي 1.2 ارب رپين جي 42 درخواستن کي اڪلائي ڇڏيو. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي سوموٽو ڪيسز ۾ فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي هئي. اسڪينڊل ۾ ايف بي آر ??مل??ارن ڪوڙن دعويدارن کي جزوي يا مڪمل طور تي سيلز ٽيڪس ريفنڊ ادا ڪيا هئا ۽ ايف بي آ?? جي ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف انٽيليجنس ان جعلسازي جو پڙدو فاش ڪيو هو. واضح رهي ته فيلڊ فارميشن کي ريڊ الرٽ ??ار?? ڪرڻ جي باوجود ملوث ??مل??ارن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪئي وئي هئي. وفاقي ٽيڪس محتسب واقعي تي سوموٽو نوٽيس وٺندي ذميوارن جو تعين ڪرڻ ۽ ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ??ار?? ڪئي هئي. ايف بي آر صد?? جي حڪمن ۽ وفاقي ٽيڪس محتسب جي سفارشن تي 130 جعلي ريفنڊ ڪيسز کي اڪلائڻ جي لاءِ 6 انڪوائري ڪميٽيون جوڙيون. انڪوائري ڪميٽين کي ذميوارن جو تعين ڪرڻ سان گڏوگڏ چارج شيٽ جو مسودو 30 ڏينهن ۾ پي?? ڪرڻو هو. صدر ايف بي آر جون اپيلون رد ڪندي ماهوار ??مل??رآمد رپورٽ وفاقي محتسب کي پي?? ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جوابدارن کي شنوائي جو حق ڏيڻ ۽ انصاف جون ??هر??ون پوريون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي آهي.