اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو آهي ته اسان ڪشمير جي لاءِ چار جنگيون وڙهيون آهن، ٻي عالمي جنگ کانپوءِ ڪنهن قوم جي الحاق جي لاءِ اهڙيون ڪوششون ڪڏهن نه ٿيون جهڙي طرح هاڻي ٿي رهيون آهن، ڀارت جي فاش??ٽ حڪومت ڪشميرين جي حقن جي پائمالي ڪري رهي آهي، پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ڏينهن پارلي??مي??ٽ هائوس ٻاهران ڪشمير استحصال ڏهاڙي ريلي کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن چيو ته ڪشميري عوام اسان جي جسم جو حصو آهن، اسان جي دل ڪشميري عوام سان گڏ ۽ انهن جي دل اسان سان گڏ ڌڙڪي ٿي، ڪشميرين سان اسان جا رشتا، ناطا آهن ۽ اهي اسان جي خاندان جو حصو آهن، اسان ڪشميرين جي لاءِ پنهنجي جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، اسان ڪشمير جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن لڳائي چڪا آهيون. هن چيو ته اڄ اسان والاريل ڪشمير جي عوام کي پيغام ڏيڻ چاهيون ٿا ته پاڪستان دنيا جي پنجين وڏي طاقت انهن جي پٺيان بيٺل آهي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته ڀارت جي فاش??ٽ حڪومت ڪشميرين جا حق پائمال ڪري رهي آهي. هن چيو ته آر ايس ايس جو نظريو ڀارت ۾ هن وقت غالب اچي چڪو آهي، ڀارت ڄاڻي وٺي ته ظلم ۽ ڏاڍ سان ڪشميري قوم جو حق نه ٿو کسي سگهي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته پاڪستان ڪڏهن به ڪشمير ڪاز تان پٺتي نه هٽندو، پاڪستان جو هر شخص ڪشميرين سان گڏ آهي ۽ رهندو. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حس??ن پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي سان گڏ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ پرڏيهي آفيس کان پارلي??مي??ٽ هائوس تائين ريلي جي قيادت ڪئي. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ صدر، پرڏيهي وزير، ڪابينا جا ميمبر ۽ عوام هن ريلي ۾ ڪشميري عوام کي اهو ٻڌائڻ لاءِ موجود آهي ته اسان توهان جي پٺيان بيٺل آهيون. هن چيو ته ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام جا حق اسان جي لاءِ اسان جي جانين کان به وڌيڪ اهم آ??ن. ??سان جي معيشت، پرڏيهي پاليسي ڪشمير جي چوگرد ٺهي آهي ۽ انهي جذبي کي اڄ به اڳتي کڻي هلي رهيا آهيون. هن چيو ته ڪشميري عوام کي يقين هجڻ گهرجي ته دنيا جي پنجين وڏي قوم انهن جي پٺيان بيٺل آهي ۽ انهن جي آزادي جي لاءِ آخري دم تائين وڙهندي. چوڌري فواد حس??ن چيو ته 5 آگسٽ جي قدم کي قبول ڪرڻ جي حوالي سان ڀارت جي خوش فهمي جلد ختم ٿي ويندي.