ڪوئيٽا – 04 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته راندين جي سر??رمين سان صحتمند مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي، عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت ??هن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سان ويمن ٽي – 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي و??ر ۽ رنر اپ ٽيمن ڪوئيٽا ۾ ملاقات ڪئي. گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ بلوچستان جو گورنر سيد ظهور آغا، بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال خان، راندين وارو سيڪريٽري عمران گچڪي به موجود هئا، صدر ٽورنامينٽ کي ويمن ايمپاورمنٽ ۽ ملڪ ۾ صحتمنداڻي سر??رمين جي فروغ طرف اهم اڳڀرائي قرار ڏنو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي جو چوڻ هو ته راندين جي سر??رمين سان صحتمنداڻي مقابلي جو رجحان پيدا ٿيندو آهي. عورت ڪرڪيٽ رانديگرن پنهنجي محنت ۽ شوق سان ثابت ڪيو ته پاڪستاني عورتون باصلاحيت ??هن ۽ زندگي جي هر شعبي ۾ دنيا جو مقابلو ڪرڻ جو حوصلو رکن ٿيون. ويمن ڪرڪيٽرز ملاقات ۾ ڪرڪيٽ ليگ جي انعقاد تي ڪوئيٽا گليڊيئٽرز ۽ حڪومت جو ٿورو ادا ڪيو.