اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) موسمياتي تبديلين واري مملڪتي وزير زرتاج گل چيو آهي ته ماح??لي??ت جي عالمي ڏهاڙي جي ميزباني پاڪستان جي لاءِ وڏو اعزاز آهي، اهو وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي جي ڪوششن تي عالم?? برادري جي اعتماد جو عڪاس آهي، پاڪستان ان حوالي س??ن وڌيڪ جامع قدم کڻندو. هو ماح??لي??ت جي عالمي ڏهاڙي 2021ع جي تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. وزيراعظم عمران خان تقريب جو خ??ص مهمان هو. زرتاج گل چيو ته ماح??لي??ت جي حوالي س??ن پاڪستان جي لاءِ ٻه پهلو انتهائي اهم آهن، پهريون اهو ته ماح??لي??تي آل??دگ?? جو سبب بڻجندڙ گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو نه هجڻ ج?? برابر آهي، ٻيو اهو ته موسمياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري رونما ٿيندڙ قدرتي آفتن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ هن جو شمار ٿيندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ملڪ جي مستقبل ۽ ايندڙ نسلن کي محفوظ بڻائڻ جي ويزن رکي ٿو، ان مقصد جي لاءِ هن صاف ۽ سرسبز پاڪستان جو تصور پيش ڪيو جنهن جي روشني ۾ حڪومت ملڪي تاريخ جي وڏي منصوبي ۽ انقلابي پروگرام متعارف ڪرايا آهن. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ ٽين بلين ٽري سونامي پروگرام تحت هيستائين هڪ ارب وڻ پوکڻ جو هدف حاصل ڪيو ويو آهي، ان منصوبي س??ن جتي ٻيلن جي رقبي ۾ اضافو ٿيندو اتي 85 هزار گرين روزگار جا موقعا به پيدا ٿيا آهن، هن چيو ته ماحول کي آل??دگ?? کان بچائڻ جي ڪوششن جي سلسلي ۾ بجلي تي هلندڙ گاڏيون متعارف ڪرايون پيون وڃن ۽ پاليسي تحت 2030ع تائين 30 سيڪڙو گاڏيون بجلي تي منتقل ٿي وينديون،