اسل??م آباد – 22 اپريل (اي پي پي) اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته (ن) ليگ ثابت ڪيو ته هو پاناما کان ڪورونا تائين نڪ جي پڪائي سان ڪوڙ ڳالهائڻ جي فن ۾ ل??ثاني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته شاهد خاقان عباسي جو چوڻ آهي ته دنيا ڪورونا تي ضابطو آڻي ورتو آهي، پر اسان وٽ وڌي رهيو آهي. اهو ظاهر ڪري ٿو ته (ن) ليگ جي ليڊرشپ اخلاقي طور تي ڏي??الپڻي جو شڪار آهي ۽ کين وڏي کان وڏو ڪوڙ به آساني سان ڳالهائڻ جي مهارت حاصل آهي