اسلام آباد – 26 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ وقتي اسپيڪر قاسم خان سوري آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي جي نئين چونڊيل صدر ??رم?? علي ۽ سوسائٽي جي ٻين عهديدارن کي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار مبارڪباد وارن پيغامن ۾ هنن نئين چونڊيل صدر ??رم?? علي، سينئر نائب صدر جميل اطهر، نائب صدر شهاب زبيري، سي??ري??ري جنرل نظافرين سهگل لاکاڻي، جوائنٽ سي??ري??ري محسن بلال، فنانس سي??ري??ري اويس خوشنود ۽ ٻين چونڊيل عهديدارن کي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. هنن چيو ته انهن جي چونڊ انهن جي قائداڻي صلاحيتن تي صحافي برادري جي اعتماد جو ثبوت آهي. اسپيڪر ۽ وقتي اسپيڪر جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ جمهوري?? جي استحڪام جي لاءِ اظهار راءِ جي آزادي ضروري آهي. هنن ان اميد جو اظها?? ڪيو ته اي پي اين ايس جي نئين چونڊيل قيادت ملڪ ۾ جمهوري?? جي استحڪام ۽ هڪ فلاحي ۽ راودار معاشري جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.