اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ڪارڪردگي کي ساراهيندي هدايت ڪئي آهي ته پاڪ??تا?? ۾ ماحول ک?? آلوده ڪندڙ عنصر خارج ڪرڻ ۾ واضح گهٽتائي آڻڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، 10 بلين ٽري سونامي پروگرام ۾ شفافيت کي يقيني بڻائيندي منصوبي تي عملدرآمد ۾ اسپارڪو کان سيٽلائيٽ جي ذريعي به مدد ورتي وڃي. هو موسمياتي تبديلين بابت ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، توانائي واري وفاقي وزي?? عمر ايوب، پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا، پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان، بلوچ??تا?? جي وڏي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي خاص معاون امين اسلم، مملڪتي وزير زرتاج گل، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر معيد يوسف ۽ سينئ?? عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گرين هائوس گيسز جي تازي صورتحال ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي پروگرام تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پاڪ??تا?? جي گرين هائوس گئسن جي اخراج جي اضافي جي شرح معمول جي طئي ڪيل هيٺين سطح کان 9 سيڪڙو گهٽ آهي، جڏهن ته اها شرح قومي سطح تي مقرر ڪيل هدفن کان به هيٺ آهي. اها ماحول دوست تبديلي خيبرپختونخواهه ۾ بلين ٽري سونامي جي ڪامياب منصوبي ۽ سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي سونامي پروگرام جي ڪري حاصل ٿي آهي. وزيراعظم جي موسمياتي تبديلين واري خاص معاون ملڪ امين اسلم ٻڌايو ته وڻ وڍڻ جي شرح ۾ نمايان طور تي گهٽتائي آئي آهي، 2012ع کان 2016ع جي دوران اها گهٽتائي ساليانو 12 هزار هيڪٽرز کان گهٽ ٿي 8 هزار هيڪٽرز تي اچي وئي آهي ۽ 10 ارب وڻ لڳائڻ جي منصوبي جي ڪاميابي سان ان ۾ وڌيڪ گهٽتائي آئي آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي سطح تي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪ??تا?? جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي.