اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي ل??ءِ استعمال ڪرڻ جي ض??ور?? آهي، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي ل??ءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي دوري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ترقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين نصير خان ڪاشاني ۽ گوادر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر ??يو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي ل??ءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ض??ور?? آهي، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي تيزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.