اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو آهي ته اڄ ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد بي بي جي روح کي تڪليف پهچي ره?? هوندي، ا??هن جي فلسفي ۽ نظرين جا بدترين مخالف اڄ انهن جي گهر ويٺل آهن، ا??هن جي ايجنڊا پنهنجي ذات کان شروع ٿي پنهنجي ذات تي ختم ٿئي ٿي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر ش??لي فراز چيو ته انهن وٽ عوام جي لاءِ ڪجهه نه آهي. هن چيو ته مريم نواز جو لاڙڪاڻي وڃڻ ”مٿان کان ويڙهه اندر کان ڀيڻ ڀاءُ“ جي تاريخي حقيقت جو ??اض?? ثبوت آهي.