اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قري??ي چيو آهي ته والاري?? ڪشمير ۾ انسانيت هر ڏينهن مري رهي آهي، ڪشميرين جو آواز دٻايو پيو وڃي، پاڪستان آواز بڻجندو. پرڏيهي وزارت ۾ ڪاري ڏينهن جي جي موقعي تي سيمينار کي خ??اب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته ڪشمير رڳو پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ تڪرار نه آهي پر ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جي روڪٿام ??ي لاءِ گڏيل انسانيت ??ي لاءِ هڪ آزمائشي امتحان آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت والاري?? ڪشمير ۾ ظلمن جي انتها ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪشميري عوام کي بدترين نوعيت جو غيرانساني سلوڪ جو نشانو بڻايو پيو وڃي.