اسلام آباد – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن پبلڪ سروس جي نگراني ۾ بهتري لاءِ ٽائيگر فورس جي رضاڪارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، خاص مددگار عثمان ڊار مستقبل جي منصوبابندي تي ٻڌل جامع پل??ن پيش ڪري ڇڏيو، وزيراعظم ٽائيگر فورس جي ذريعي اي گورننس سسٽم آڻڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم يوٿ پروگرام جي ميڊيا سيل مان جاري ب??ان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ اجلاس ۾ ٽائيگر فورس اي گورننس پلان تي مشاورت ڪئي وئي آهي، ٽائيگر فورس جا نوجوان مقامي سطح تي گورننس جي معاملن کي رپورٽ ڪري سگهند??، ضروري شين جي قيمتن ۽ صحت جي سهولتن بابت عملدارن کي آگاهه ڪيوويندو، پناهگاهن، مارڪيٽن، تعليمي ادارن ۽ عوامي جاين تي سروسز جي فراهمي رپورٽ ٿيندي، ٿاڻ??، لينڊ رڪارڊ، بجلي چوري ۽ عوامي شڪايتن تي به نظر رکي سگهندا، سروسز جي فراهمي کان انڪار يا رشوت جي ڪوشش کي رپورٽ ڪري سگهجي ٿو.