اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وفاقي وزيرن سينيٽر شبلي فراز، حماد اظهر ۽ مراد سعيد چيو آهي ته مخالف ڌر جي پريس ڪانفرنس ڪوڙ تي ٻڌل آهي، مخالف ڌر پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪرڻ بدران خاموش تماشائي بڻيل آهي، مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جي ڦرلٽ، ٻاهرئين ملڪ ملڪيتن ۽ ڪاروبار جي ڪري ??ڄ ملڪ مسئلن ۽ چئلينجز جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي چڪو آهي، ملڪ جي موجوده معاشي صورتحال جي ڪري ڪو به نئون ٽيڪس ناهي لڳايو وي??، ڇا مخالف ڌر انهي جي ڪري ??حتجاج ڪري ??هي آهي، عالمي سطح تي پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، 35 سال حڪو??ت ڪندڙن عوام کي صحت جون ڪهڙيون سهولتون ڏنيون آهن؟ عمران خان جي اچڻ سان ملڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ کان بچي ويو آهي، جنهن جو مخالف ڌر کي تمام گهڻو افسوس آهي، ماضي جا حڪمران ڪرپشن سامهون اچڻ تي عوام کي منهن ڏيڻ جي قابل به ناهن رهيا. هو گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري ??هيا هئا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ملڪي معاشي چئلينجز سڀني جي سامهون آهن. ان ۾ مخالف ڌر جي اها هرگز ذميواري نه ٿي بڻجي ته اها سڄي ذميواري ??ڪومت تي وجهي ۽ پاڻ خاموش تماشائي بڻيل رهي پر مخالف ڌر جي ذميواري ??هي ته اها اهم قومي معاملن تي پنهنجو آئيني حق ادا ڪندي معاملا اڪلائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ڪري پر اڄ جي پريس ڪانفرنس ان ڳالهه جي غمازي آهي ته مخالف ڌر ڪجهه نه ٿي ڪرڻ چا??ي هو رڳو تماشو ڏسڻ چاهي ٿي. انهن جي هر ڳالهه مان اهو ظاهر ٿي رهيو آهي ته ا??ي هن ملڪ ۽ ملڪ جي عوام جا خيرخواهه نه آهن. اهي چاهين ٿا ته ڪا اهڙي ڳالهه ٿئي جنهن سان اهي ٻيهر اقتدار ۾ اچي سگهن.