ڪراچي – 21 اپريل (اي پي پي) پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارليماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو آهي ته سنڌ ۾ 20 اپريل تائين 15 لک 73 هزار 149 ماڻهن کي 18 ارب 87 ڪروڙ رپيا ڏنا ويا آهن، سنڌ حڪومت 18 سئو جو راشن به سنڌ جي ڪنهن خاندان کي ناهي ڏنو، وزيراعظم ڏکئي وقت ۾ سنڌ کي ناه?? وساريو، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور م??اث?? ٿيا آهن، اس??ن بنا ڪنهن فرق جي سڀني کان اڳ بينظير انڪم سپور?? پروگرام ۾ رجسٽرڊ غريب عورتن کي امداد ڏني آهي. پنهنجي وڊيو پيغام ۾ حليم عادل شيخ چيو ته وزيراعظم عمران خان ڏکئي وقت ۾ سنڌ ک?? وساريو نه آه??، لاڪ ڊائون ۽ ڪرونا وائرس جي ڪري ڪيترائي ڏهاڙيدار مزدور م??اث?? ٿيا آهن، سنڌ حڪومت رڳو اعلان ڪيو ته راشن ڏيئي رهيا آهيون، جيڪو اڃا تائين ناهي مليو.