اسلام آباد – ??هرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عام ماڻهو کي هر ممڪن رليف فراهم ڪ??ڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، کاڌي پيتي جي شين ۾ ملاوٽ عوام سان ظلم آهي، م??اوٽ جي نتيجي ۾ سنگين مرضن جي شرح ۾ اضافو ٿيو آهي، م??اوٽ جي خاتمي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪئي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي، م??اوٽ ڪندڙ عنصر ڪنهن به رعايت جا مستحق نه آهن، اهڙن عنصرن جي خلاف ڀرپور ايڪشن کنيو وڃي، وڏن شهرن ۾ ملاوٽ ۽ ذخيره اندوزي جي خاتمي تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سڄي ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي ضروري شين (اٽو، گيهه، کنڊ، دالين، ڀاڄي وغيره) جي قيمتن کي ضابطي ۾ رکڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو