اسلام آباد – 24 211; ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ م??يحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو آهي. ان موقعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀا??يچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ عليه السلام کي الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آه?? ۽ ??ل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ڏينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ ام?? ۽ ??عاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو