اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي عهدي جو حلف کڻي ورتو آهي. صدر ممنون حس??ن نئين چونڊيل وزيراعظم شاهد خاقان عباسي کان حلف ورتو. حلف برداري تقريب ڪالهه اڱاري ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿي. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق، هٿياربند فوج جي سربراهن، پارليامينٽ جي ميمبرن، صوبائي گورنرن، بلوچستان جي وڏي ??زير، گلگت بلتستان جي وڏي ??زي?? ۽ ??ورنر، آزاد ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، پرڏيهي سفارتڪارن، زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن ۽ اعليٰ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي.