اسلام آباد- 05 ڊسمبر (اي پي پي) آل پا??ستان چائينز انٽر پرينيئور ا??سوسيئيشن کُليل آسمان هيٺ ترسيل ٻوڏ متاثرن لاءِ 400 خيما عطيي طور ڏنا آهن ۽ مستقبل ۾ امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ چين جي سفارتخاني ۾ هڪ سادي پر شاندار تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ خيما اسلام آباد وومين چيمبر جي صدر رضوانه آصف ۽ جمهوري وطن پارٽيءَ جي ڪوآرڊينيٽر مير چاڪر بگٽيءَ حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي آل پا??ستان چائينز انٽر پرينيئور ا??سوسيئيشن جي وائيس چيئرمين سن يو چينگ چيو ته ٻنهي ملڪن جي دوستي مثالي آهي ۽ چين هر ڏُکي وقت ۾ پا??ستان جي ??دد جاري رکندو. ٻنهي ملڪن جي دوس??ي هر ا??ندڙ ڏينهن سان وڌيڪ مستحڪم ٿيندي. آگسٽ 2022ع ۾ وزيراعظم جي رليف فنڊ ۾ 15.5 ملين جو عطيو پڻ جمع ٿي چڪو آهي جڏهن ته ان کان علاوه به ڪيترائي فلاحي ڪم شامل آهن.