اسلام آباد – 02 ?? ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبو جوڙڻ، مددگار ٽيڪنالاجي?? فراهم ڪرڻ ۽ ان جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرو??ت آهي، سرڪاري ۽ نجي شعبي جي خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ خصوصي ماڻهن جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اسلام آباد جي چيف ڪمشنر، تعليم واري وزارت، صحت واري عالمي اداري ۽ ايوان صنعت ۽ واپار جي نمائندن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي معاشري ۾ شموليت ۽ انهن کي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ هڪ جامع منصوبي جي ضرو??ت آهي، خصوصي ماڻهن جي چرپر ۽ عوامي سهولتن تائين پهچ بهتر بڻائي انهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائي سگهجي ٿو. ??ن چيو ته معذور ماڻهن کي تعليم، هنر ۽ ملازمتون فراهم ڪري معاشري ۾ شامل ڪرڻ گ??رجي. خصوصي ماڻهن کي مددگار ٽيڪنالاجي?? فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي معذوري جي لحاظ کان موزون ملازمتون ڏيڻ جي ضرو??ت آهي. ??ن چيو ته پاڪستان جي آبادي جو 10 کان 15 سيڪڙو يا اٽڪل 22 ملين ماڻهو خصوصي ماڻهن تي ٻڌل آهن، خصوصي ماڻهن جي ايڏي وڏي آبادي کي قيمتي اثاثي ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي ۽ خصوصي ماڻهن جي لاڳاپيل ادارن جي ضرورتن کي نظر ۾ رکندي موجوده قانونن تي نظرثاني جي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو. لاڳاپيل ريگيوليٽري اٿارٽيز کي سڀني سرڪاري ۽ نجي عمارتن، انفراسٽرڪچر، اسڪولن ۽ صحت جي سهولتن جي هڪ جامع آڊٽ ڪرائڻ جي لاءِ تيار رهڻ گ??رجي. صدر ملڪ ۾ سمورين تعليمي سهولتن کي خصوصي ماڻهن جي ضرورتن موجب بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ??ن چيو ته سڀني تعليمي ۽ تربيتي ادارن جي خصوصي ماڻهن کي داخلا ڏيڻ جي لاءِ حوصلا افزائي ڪرڻ گ??رجي. ڊسمبر جو پورو مهينو خصوصي ماڻهن جي مهيني طور ملهائڻ گ??رجي. صدر چيو ته سرڪاري ۽ نجي شعبي جا ادارا خصوصي ماڻهن جي حقن بابت شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ آگاهي مهم هلائين.