اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) برطانوي هيٺئين ايوان جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ۽ ليبر پارٽي جي سينيئر اڳواڻ انجيلا رائيز چيو آهي ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي، برطانيا خوفناڪ ٻوڏ کان متاثر پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي ۽ هو متاثر ماڻهن جي ل??ءِ امدادي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو، ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪيو وڃي، ليبر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”اي پي پي“ کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي ۽ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ ٿيندڙ جاني نقصان ۽ ملڪيتن جي ت??اه?? جي ڏس ۾ دنيا کي ان مسئلي جو هڪ پائيدار حل ڳولڻ جي ضرورت آهي. انجيلا رائيز جنهن برطانوي هائوس آف لارڊز جي ميمبر واجد خان سان گڏ سان ٻوڏ کان متاثر علائقن جو دورو ڪي??، چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ماحولياتي ت??اه?? کي روڪڻ جي ل??ءِ عالمي سطح تي ڀرپور ڪوششون ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ماحولياتي تبديلي تيزي سان دنيا کي متاثر ڪرير هي آهي ۽ پاڪستان ان جو پهريون شڪار بڻجي ويو آهي جنهن کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ ڀرپور ڪوششن ۽ تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته برطانيا ايندڙ مهيني مصر ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 اجلاس ۾ ان مسئلي کي اٿاريندو ۽ عالمي برادري تي زور ڏيندو ته هو ان مسئلي کي منهن ڏيڻ جي ل??ءِ پائيدار حل ڳولي. هن اميد ظاهر ڪئي ته ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ دنيا جي ٻين علائقن کي پائيدار ۽ منظم طريقي سان وڌيڪ مدد ملندي جنهن ماحولياتي تبديلي جي ت??اه?? کي منهن ڏنو آهي. برطانوي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر چيو ته دنيا کي ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان ماڻهن جي مستقبل جي حفاظت ڪرڻي پوندي ڇو ته اهو انسانيت کي ت??اه?? ڪن طور متاثر ڪري رهيو آهي. انجيلا رائيز پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر علائقن جي دوري جو ذڪر ڪندي چيو ته ماڻهن کي ت??اه?? آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري سنگين بحران کي برداشت ڪرڻو پيو آهي، ت??اه?? آڻيندڙ ٻوڏ سان جاني ۽ مالي ۽ بيٺل فصل کي نقصانن کانسواءِ لکين ماڻهو متاثر ٿيا آهن. هن چيو ته برطانوي حڪومت اڳ ۾ئي پاڪستان جي ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي ل??ءِ 16.5 ملين پائونڊ عطيو ڪري چڪي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستانين فوري طور تي امدادي ڪوششن جي حوالي سان ناقابل يقين ڪردار ادا ڪيو، فنڊ ريزرز ۽ ٻوڏ سٽيلن جي ل??ءِ امداد جمع ڪئي وئي آهي، برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ناقابل يقين حد تائين فراخدل آهن، ايستائين جو منهنجي پنهنجي تڪ ۾ به ٻوڏ متاثرين جي امدادي سرگرمين ۾ مدد ڪرڻ جي ل??ءِ تمام گهڻو ڪجهه ڪيو ويو ۽ اهو سلسلو جاري آهي. برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي ڀرپور حمايت ڪندي چيو ته ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته برطانيا جي ليبر پارٽي جو سدائين کان اهو موقف رهيو آهي ته ان پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي ل??ڳاپيل قراردادن موجب حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڀارت انساني حقن جو احترام ڪري، ڪشميري عوام ڊگهي عرصي کان مصيبتن جو شڪار آهي، ڪشمير مسئلو 70 سالن کان وڌيڪ عرصي کان حل طلب آهي ۽ اهو هڪ ڊگهو مدو آهي. هن چيو ته برطانيا ڪشمير مسئلي جي پرامن حل جو خواهشمند آهي ۽ عالمي برادري کي به ان مسئلي جي حل لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. انجيلا رائيز چيو ته ڀارت کي گڏيل قومن جي قراردادن جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۽ پاڪستان کي ان تڪرار کي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا جي وچ ۾و اپاري ل??ڳاپا وڌي رهيا آهن، واپاري ل??ڳاپن کي فروغ ڏيڻ ٻنهي ملڪن جي مفاد ۾ آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي برطانوي پارليامينٽ جي مٿئين ايوان جي ميمبر لارڊ واجد خان چيو ته خوفناڪ ٻوڏ جي ڪري پاڪستان ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، برطانوي حڪومت، عوام ۽ برطانيا ۾ رهندڙ پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي جيڪا به مدد ڪري سگهن ٿا اهي ڪندا. هن چيو ته برطانيا جي ڊپٽي اپوزيشن ليڊر انجيلا رائيز سان گڏ ٻوڏ کان متاثر سنڌ جي دادو ۽ سيوهڻ جي علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن ماڻهن جي ملڪيتن کي ٿيندڙ نقصانن جو اکين ڏٺو حال ڏٺو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي. هن چيو ته برطانيا جي ميڊيا ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان ۽ فصلن جي ت??اه?? بابت آگاهه ڪنداسين. لارڊ واجد خان چيو ته ماحولياتي تبديلي ۾ پاڪستان جو ڪردار تمام گهٽ آهي پر پاڪستان ان کان شديد متاثر ٿيو آهي، ماحولياتي مسئلن جي حل لاءِ عالمي سطح تي ڪوششن جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي ل??ءِ فنڊ گڏ ڪرڻ ۾ به حصو وٺي رهيا آهيون ته جيئن متاثرين جي مدد جاري رکي سگهجي.