اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته مشڪل جي هن ??هڙ??ءَ ۾ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد جي يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان جي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ??ئي ٿي. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي هدايت تي پاڪستان جو دورو ڪندڙ ترڪيه جي اعليٰ سطحي وفد سان ساڻس ملاقات ٿي آهي جيڪو گهرو وزير سليمان سوئلو ۽ ماحوليات، شهري معاملن ۽ ماحولياتي تبديلي واري وزير مرات ڪورم جي قيادت هيٺ پاڪستان جي دوري تي آهي. هن چيو ته هي وفد اسان جي تاريخ جي مشڪل ترين ??هڙ??ءَ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستا?? آيو آهي، ترڪيه جي مدد سان اسان کي وڏي طاقت ۽ اعتماد حاصل ٿيو آهي، اسان رجب طيب اردوان جا جيترا به ٿورا مڃون گهٽ آهن. هن چيو ته هن دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائيچاري جي مضبوط رشتي جي عڪاسي ??ئي ٿي.