ڪابڪوچ – 02 – سيپٽمبر (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي دوري ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن جي لاءِ 3 ارب ??پي?? ڏيڻ جو اعلان ڪيو، ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونيئرن کي 10 لک ??پي?? في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ج?? چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جو ڪاٿو لڳائڻ جي ??دا??ت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف گلگت بتلستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو صلاحڪار قمر زمان ڪائره ۽ وزيراعظم جو پبلڪپاليسي/ اسٽريٽجڪ ڪميونيڪشن وارو خاص معاون فهد حسين پڻ وزيراعظم سان گڏ هئا. وزيراعظم کي گلگت بلتستان حڪومت ۽ غذر جي ضلعي انتظاميا پاران بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ کانپوءِ مجموعي طور تي 10000 ڪينال زرعي زمين متاثر ٿي، 1000 کان وڌيڪ گهرن کي جزوي يا مڪمل طور تي نقصان پهتو. درجنين پليون، سوين واٽر سپلائي لائينون ۽ واٽر چينلز تباهه ٿيا. ان کانسواءِ ٻوڏ جي ڪري سوين ڪلوميٽر رستي ج?? بنيادي ڍانچو پڻ تباهه ٿي چڪو آهي. بريفنگ ۽ صورتحال جو جائزو وٺڻ کانپوءِ وزيراعظم اعلان ڪيو ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ 3 ارب ??پي?? ڏنا ويندا. وزيراعظم پاران ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن جي پونئيرن کي 10 لک ??پي?? في خاندان ڏيڻ جو اعلان ڪيو ويو. وزيراعظم غذر ضلعي ج?? ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين سان ملاقات ڪئي. بوبر ڳوٺ جا 17 ماڻهو ٻوڏ ۾ فوت ٿيا. ڳوٺ بوبر جي ٻوڏ متاثرين ۾ خصوصي صلاحيتون رکندڙ ٻارڙي پڻ شامل هئي ج??هن جي خاندان جا ڪيترائي ماڻهو ٻوڏ ۾ وهي وڃڻ ڪري فوت ٿي ويا. وزيراعظم ٻارڙي سان دلي همدردي ج?? اظهار ڪندي تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ ان جي علاج جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جي ??دا??ت ڪندي ان جي لاءِ 50 لک رپين جو اعلان ۽ ان جي نالي تي اينڊومنٽ فنڊ قائم ڪرڻ جي ??دا??ت پڻ ڪئي. وزيراعظم جي ??دا??ت تي ٻوڏ کان متاثر 10 يونين ڪائونسلز جي متاثر خاندانن کي 25000 ??پي?? في خاندان ڏنا ويندا. وزيراعظم عذر ضلعي ج?? ٻوڏ جي ڪري سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ڳوٺ بوبر جي لاءِ 100 ملين ??پي?? فنڊ ۽ وفاقي گرانٽ جي ذريعي ڳوٺ بوبر جي لاءِ 5 ڪلوميٽر پڪي رستي ج?? تعمير جو اعلان پڻ ڪيو. ان کانسواءِ وزيراعظم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي کي غذر ضلعي ۾ 6 تباهه ٿيل پلين جي تعمير ۾ مدد جي ??دا??ت پڻ ڪئي. وزيراعظم چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ج?? چيئرمين ۽ گلگت بلتستان جو چيف سيڪريٽري گڏجي فوري طور تي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان جو ڪاٿو لڳائين.