اسلام آباد – 08 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان آمريڪي پرڏيهي ک??تي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ ملاقات ڪئي ۽ پاڪستان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني نقصان ۽ تباهي تي پاڪستاني عوام سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري هن مشڪل گهڙيءَ ۾ آمريڪي پرڏيهي ک??تي جي قونصلر جي پاڪستان جي دوري تي ٿورا م??ين??ي آمريڪي حڪومت پاران حمايت ۽ يڪجهتي جي ڀرپور اظهار کي ساراهيو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي عهديدار کي آگاهه ڪيو ته پاڪستان جو اٽڪل هڪ ڀاڱي ٽي علائقو پاڻي هيٺ آه??، ٻوڏ جي نتيجي ۾ 1300 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آه?? جڏهن ته 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آه?? ۽ اهم انفراسٽرڪچر تباهه ٿيو آه??. پرڏيهي وزير چيو ته 40 لک ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي پکڙيل فصلون لڙهي ويون ۽ 10 لک جي لڳ ڀڳ چوپايو مال مري ويو آه??. هن چيو ته حڪومت هن وقت ماڻهن جي جان بچائڻ جي لاءِ فوري بچاءُ ۽ امدادي ڪوششن ۾ پوري طرح مصروف آه??، ٻوڏ سان غذائي تحفظ، صحت ۽ معيشت تي ڊگهي مدي وارا اثر سنگين ڳڻتي جو سبب آه??. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شديد ٻوڏ کان متاثر ٿيندڙ لکين ماڻهن جي بحالي، نئين سر تعمير، ڪميونٽيز جي نئين سر تعمير ۽ معاشي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تمام گهڻا وسيلا گهربل هوندا. پرڏيهي وزير چيو ته بدقسمتي آه?? جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ حصو آه?? پر ان کي موسمي??تي تبديلين جي شدت کي منهن ڏيڻو پيو. هن آمريڪي حڪومت پاران 31.1 ملين ڊالر جي امداد تي ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير چيو ته تازن مهينن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي و?? ۾ ڳالهه ٻولهه جي رفتار مستحڪم رهي آه??، پاڪستان گڏيل اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي آمريڪا سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي و??يڪ گهرو ۽ وسيع ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آه??. پرڏيهي وزير موسمي??تي تبديلي، توانائي، صحت، واپار ۽ سيڙپڪاري، تعليم ۽ عوام سان عوام جي رابطن جي شعبن ۾ پائيدار تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. آمريڪي پرڏيهي ک??تي جي قونصلر ڊيرڪ چوليٽ چيو ته آمريڪا ٻوڏ سبب ٿيندڙ تباهي کي منهن ڏيڻ جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ پرعزم آه??. هن پرڏيهي وزير سان مختلف شعبن ۾ جاري ڳالهه ٻولهه کي سگهه ڏيڻ ۽ لاڳاپن کي وسيع ۽ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ تعاون جي و??يڪ شعبن جي ڳولا تي اتفاق ڪيو. آمريڪي پرڏيهي ک??تي جو قونصلر 7 کان 9 سيپٽمبر تائين پاڪستان ۾ هڪ عالمي ايجنسي وفد جي قيادت ڪري رهيو آه?? ته جيئن تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان جي لاءِ آمريڪي حمايت جي توثيق ڪري سگهجي ۽ پاڪستان آمريڪا جي وسيع البنياد ۽ پائيدار لاڳاپن کي سگهه ڏئي سگهجي.