سرينگر – 31 – آگسٽ (ا?? پي پي) والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي حريت پسند اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ اڄ ملهائي وي??دي، جڏهن ته سندس پهرين ورسي جي موقعي تي غيرقانوني طور تي ڀارت جي قبضي هيـٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ پوسٽر هنيا ويا آهن جن ۾ ماڻهن تي زور ڏنو وي?? آهي ته اهي پهرين سيپٽمبر خميس ڏينهن بزرگ حريت اڳواڻ سيد علي گيلاني جي پهرين ورسيءَ جي موقعي تي ان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ مڪمل هڙتال ڪن ۽ حيدر پوره طرف ما??چ ڪن. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني گذريل سال پهرين سيپٽمبر تي ڀارتي پوليس جي ح??اس?? ۾ حيدر پوره سرينگر ۾ پنهنجي رهائش تي لاڏاڻو ڪري وي?? هو جتي کيس هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي ??ائ??ن مسلسل نظربند رکيو وي??. ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس اڳ ۾ ئي پهرين سيپٽمبر تي مڪمل هڙتال ۽ حيدر پوره طرف ما??چ جي ڪال ڏئي رکي آهي.