اسلام آباد – 18 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم ش??با?? شريف ڏکڻ سنڌ ۾ چوماسي برساتن جي نتيجي ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پي ڊي ايم اي، اين ڊي ايم اي ۽ صوبائي حڪومت کي فوري طور تي متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ٻ??ڏ صورتحال ۾ پهرين ترجيح متاثر ماڻهن جو ريسڪيو ۽ انهن جي فوري امداد آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين کي فوري طور تي 50 هزار رپيا في خاندان فراهم ڪيا وڃن. متاثرين کي کاڌي ۽ صاف پاڻي جي فوري فراهمي يقيني بڻائي ??ڃي. متاثرين کي رهائش ۽ طبي سهولتن جي فوري فراهمي يقيني بڻائي ??ڃي. وزيراعظم ملڪ جي باقي حصن ۾ به برساتن جي نتيجي ۾ متوقع ٻ??ڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي تيار رهڻ جي پڻ هدايت ڪئي.