اسلام آباد – 09 – آگ??ٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اتر وزيرسان ۾ پاڪ فوج جي قافلي تي خودڪش حملي جي مذمت ڪندي پاڪ فوج جي چار بهادر جوانن جي شهادت تي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اهڙا بزدلاڻا حملا ملڪ کي دهشتگردي جي ل??نت مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ جي اسان جي عزم کي ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن. هن محرم الحرام جي مقدس مهيني ۾ ملڪ جو دفاع ڪندي پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪرڻ تي شهيدن کي خ??اج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيدن جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو.